ڀٽائي ميين احمد جو دستخط نسخو-2

ڀٽائي ، ميين احمد جو دستخط نسخو-2: سر ڪلياڻ سان شروع ٿيندڙ رسالي جو هيءُ اُتارو ميين احمد ڀٽائي 1304 هه بمطابق 1886ع ۾ ڪيو هن ۾ 34 سر ، 3218 بيت ۽ 223 وايون شامل آهن . تختي جي ماپ توڙي سرن جي ترتيب جي لحاظ سان هي اتارو پڻ سندس 1294 هه بمطابق 1877ع ۾ ڪيل اتاري جھڙو آهي ، البت ورقن جي تعداد ۽ بيتن ۽ واين جي تعداد ۾ فرق آهي ڇاڪاڻ جو هن ۾ ڪوهياري ، حسيني ، بروي سنڌي ۽ مارئيءَ جي سرن ۾ هڪ هڪ داستان وڌايل آهي . البت 1294 هه واري نسخي وانگر هن جي حاشين ۾ لفظن جون معنائون توڙي بيتن جون ٻيون پڙهڻيون ڏنل نه آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو